پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾  ٽئين ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي

برسٽول ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي.

 قومي ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ جي دوري تي موجود آهي، جيڪا اڄ ميزبان ٽيم خلاف ٽين ون ڊي ميچ لاءِ ميدان تي لهندي.

 ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ برسٽول ۾ کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب شام پنجين وڳي شروع ٿيندي.

انگلينڊ کي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ڪئي وئي، جڏهن ته ٻي ون ڊي ميچ ۾ انگلش ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 12 رنسن تان شڪست ڏني.

You might also like