خيرپور ۾ وڌيڪ ٻن ٻارڙين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، رڙين تي ڦٽو ڪري فرار

خيرپور (رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) خيرپور مان معصوم ٻارن کي  اغوا ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو وڌيڪ ٻن معصوم نياڻين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنجر خان ڪٽوهر ۾ ٻن  ٻٽون ٻڌل هٿيار بندن موٽرسائيڪل تي سوار ٿي دڪان تان شئي وٺڻ جي لاءِ نڪتل ٻه نياڻيون 8 سالا رابعه ۽ 4 سالا بينظير ٻئي ڌيئر سڪندر ڪٽوهر کي زبردستي سندن وات بند ڪري موٽرسائيڪل تي اغوا  ڪيو معصوم نياڻين خوف وچان رڙيون ڪيون ته ڳوٺاڻن هٿيار بندن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هٿيار بند ٻنهي معصوم نياڻين کي ڦٽو ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا نياڻين جي پيءُ سڪندر ڪٽوهر بي سيڪشن ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آهي هوڏانهن نياڻين جي پيءُ سڪندر ۽ ڏاڏي محمد اسماعيل رابطي ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي رهيو هو هنن ايس ايس پي خيرپور  کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.