ٽنڊي ڄام ويجهو ريل جو کليل ڦاٽڪ تان گذرندڙ ڪار کي ٽڪر، 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

ٽنڊوڄام/سڪرنڊ (رپورٽ: احمد سجاد+لطيف جمالي) ٽنڊوڄام ويجهو پشاور کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جو کليل ڦاٽڪ تان گذرندڙ ڪار کي ٽڪر، ڪار سوار ٽي ڄڻا فوت، رپورٽ موجب ٽنڊي ڄام ويجهو مريد سپيو ڳوٺ ويجهو کليل ڦاٽڪ تان گذرڻ دوران تيز رفتار ٽرين پشاور کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس اتان گذرندڙ ڪار کي ٽڪر هڻڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڪلوميٽرن تائين گهليندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ڪار ۾ سوار ٻن اهلڪارن سميت 3 ڄڻا امير بخش، محمد سچل ۽ محمد اسلم چانڊيو موقعي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويا، ڪار ٽرين ۾ڦاسڻ سبب ٽرين ۾ سوار مسافرن توڙي مقامي ماڻهن لاشن کي وڏي مشڪل سان ٻاهر ڪڍيو، جڏهن ته ٻن ڪلاڪن تائين ايمبولينس دير سان پهچڻ سبب لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا. بعد ۾ آيل ٻن ايمبولنيس ۾ٻه لاش ۽ ڪلاڪ بعد ٽيون لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، فوتين جو تعلق سڪرنڊ تعلقي جي شهر محرابپور سان ٻڌايو ويو ويو آهي، اهڙي ريت لاش جي منتقلي بعد ٽرين انجڻ کي ڪو به نقصان نه رسڻ بعد گاڏي کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو، جڏهن ته فوتين جي وارثن کي به ٿاڻي ۽ فوتين جي ڪارڊن وسيلي ڄاڻ ڏني ويئي. حادثي بعد ٽنڊوڄام پوليس ۽ ريلوي عملو به پهتو هو. هوڏانهن وڏن سانحن باوجود حيدرآباد کان روهڙي ۽ ميرپورخاص ويندڙ ريلوي ٽريڪن تي کليل ڦاٽڪ اڃان تائين گذرندڙن لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻيل، نه گيٽ لڳا نه ئي عملو مقرر ٿيو،  لاڳيتن واقعن سبب ڪيترائي ماڻهو جانيون وڃائي ويٺا، ڦاٽڪ کليو هجڻ سبب ڳوٺ مريد سپيو وٽ ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل 9-ڄڻن واري سانحي باوجود ڦاٽڪ کي نه در لڳو ۽ نه ئي عملو نظر اچي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.