گدامڙيءَ سان وار ڊگها ڪيو….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وارَ شخصيت جو اهم حصو هوندا آهن پر جيڪڏهن اهي گهاٽا ۽ ڊگها نه هجن ته سڄي سُونهن متاثر ٿي ويندي آهي. وارَ ڊگها ڪرڻ لاءِ ته توهان ڪيترائي نُسخا آزمايا هوندا پر اسان توهان کي هڪ اهڙو سولو ٽوٽڪو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن تي عمل ڪري توهان پنهنجا وارَ ڊگها ۽ گهاٽا ڪري سگهو ٿا.

طريقو: رات جو گدامڙيءَ کي پاڻي ۾  ڀِڄائي رکو ۽ پوءِ صبح جو ساڳي پاڻي سان مٿو ڌوئي ڇڏيو. وارَ ڌوئڻ جو اهو عمل گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو ضرور برقرار رکو. ان سان گڏوگڏ بادام جي تيل سان مٿي جي مالش ڪندا رهو، ان سان توهان جا وارَ ڊگها ۽ گهاٽا ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.