کوسڪي (رپورٽ : غلام رسول کوسو ) نيب اومني گروپ جي کوسڪي شگر ملز جي ٽن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب کوسڪي شگر مل جي فنانس مئنيجر فيصل پٺاڻ، امان الله شر ۽ ڪاظم شاهه کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾نيب طرفان طلب ڪيو ويو هو. ڪالهه ٽئي آفيسر نيب اسلام آباد آڏو پيش ٿيا، جتي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ کانپوءِ نيب اختيارين کين گرفتار ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن تي الزام آهي ته هو 846 ملين رُپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن، جڏهن ته ڪمند جي اگهن جا پئسا حقيقي آباگارن بدران فرضي نالن تي ڪڍرائڻ ۽ مل جي مختلف ملازمن جا سڃاڻپ ڪارڊ استعمال ڪري بئنڪن مان قرض وٺڻ جو الزام آهي. ذريعن موجب نيب طرفان ٻنهي آفيسرن کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جسماني رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو.