رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: پائپ کڻڻ تان جوابدرن جو آبپاشي کاتي جي عملدرن تي حملو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: پائپ کڻڻ تان جوابدرن جو آبپاشي کاتي جي عملدرن تي حملو
عوامي آواز رپورٽرپورٽ: ٽنڊو جان محمد: پائپ کڻڻ تان جوابدرن جو آبپاشي کاتي جي عملدرن تي حملو

* ٽنڊو جان محمد ويجهو  نصير بيئراج تي لڳل غيرقانوني پائپ کڻڻ تان جوابدرن آبپاشي کاتي جي عملدرن تي حملو ڪري ڏنو.

جوابدرن جي حملي ۾ سب داروغو محمد رمضان خاصخيلي ۽ بيلدار عابد زخمي ٿي پيا جڏهن ته  سندن ساٿي داروغو غلام رسول راجپوت  زخمين کي اسپتال پهچايو .

غلام رسول داروغو جي فرياد تي سلطان چانڊيو،علي خان چانڊيو،ميوو چانڊيو،حڪيم چانڊيو،منظور چانڊيو،دوست علي چانڊيو ۽ 5 نامعلوم ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

.ھوڏانھن پير بخش ھاشماڻي صدر ٽيل آبادگار ايڪشن ڪاميٽي خيرپور گنبو،ايريگيشن ورڪرز يونين اينڊ ڊويزن حيدرآباد جي اڳواڻن عبدالحڪيم سرائي ،رسول بخش سرائي،غلام رسول راجپوت،ضلعي انتظاميا ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته ملازمن تي حملو ڪندڙن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي……………………………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.