رپورٽ:تلهار: واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ڊرينيج جو هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”تلهار: واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ڊرينيج جو هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/2019186TalharPkg.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

ٽائون ڪاميٽي تلھار پاران شھر جي پراڻي مارڪيٽ ۾ جامع مسجد کان مين چوڪ تائين گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ  ڊرينيج جو شروع ٿيل ڪم بند ڪرايو ويو آهي.

 اسماعيلي خواجه ڪالوني ۽ واپاري ايسوسئيشن جي اڳواڻ آصف اقبال خواجه ، امين خواجه ۽ ٻين پوليس کي گھرائي نالي جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو .

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان  ڳالھائيندي چيو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺھندڙ نالي ۾ ٺيڪيدار شفقت خواجه غير معياري مٽيريل استعمال ڪرائي رهيو آهي.

هنن چيو ته  برسات پوڻ جي صورت ۾ روڊ جو پاڻي نالي جي ذريعي نيڪال ٿيڻ بجاءِ روڊ تي ئي بيھي رھندو جنھن جي ڪري اسماعيلي خواجه ڪالوني سميت جامع مسجد ۾ ايندڙ نمازين ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي به سخت تڪليف کي منھن ڏيڻو پوندو……………

رپورٽ-رستم علي ڪھيري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.