سکر(رپورٽ: اظهرعلي دايو) ملڪ جي اترين علائقن سميت اسڪردو ۾ گرمي پد 16.7 سينٽي گريڊ کان نه وڌڻ سميت برساتون نه پوڻ سبب تربيلا ڊيم 1392 جي ڊيڊ ليول تي پهچي ويو، جڏهن ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي ٽن ڏينهن بعد پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. گڊو بئراج 40 سيڪڙو، سکر بئراج 37 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج 52 سيڪڙو کوٽ ٿيڻ جو ٻڌايو پيو وڃي، جنهن سبب بلوچستان صوبو به پاڻي جي کوٽ سبب سخت متاثر ٿيندو، تربيلا ڊيم جو ايندڙ وهڪرو 91 هزار 5 سئو، ڪابل ندي جو ايندڙ وهڪرو 58 سئو،ڪالا باغ بئراج جو مٿاهون وهڪرو هڪ لک 77 هزار 433 ۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 70 هزار 433، چشمه بئراج جو مٿاهون وهڪرو هڪ لک 67 هزار 22 ۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 65 هزار، تونسا بئراج جو مٿاهون وهڪرو هڪ لک 61 هزار 531، هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 44 هزار 391، جڏهن ته پنجاب تڪراري ڪئنالن ٿل ڪئنال ذريعي 70 هزار ڪيوسڪ، سي جي ڪئنال ذريعي 2 هزار، ٽي پي ڪئنال ذريعي 14 سئو 40، مظفر ڳڙهه ڪئنال ذريعي 7هزا 5 سئو، ديرا غازي خان ڪئنال ذريعي 8 هزار ڪيوسڪ، ڪڇي ڪئنال ذريعي 2 سئو ڪيوسڪ پاڻي چورائي رهيو آهي. گڊو بئراج جو مٿاهون وهڪرو 97 هزار 2 سئو 11 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 73 هزار 406 ڪيوسڪ، سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 62 هزار 5 سئو 50 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺاهون وهڪرو 26 هزار 2 سئو، ڪوٽڙي بئراج جو مٿاهون وهڪرو 15 هزار 4 سئو 95 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وڪرو 15 هزار 4 سئو 95 رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جنهن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي صورتحال ابتر ٿيندي پئي وڃي.ارسا طرفان سنڌو نديءَ جي سسٽم ۾ منگلا ڊيم مان 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجند بئراج وٽان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ارسا ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي طرفان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪابه واضح حڪمت عملي نه جوڙي سگهي آهي. آبپاشي کاتي طرفان گذريل چئن سالن کان کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنالن جي کاٽي گذريل جو سروي جو ڪم شروع نه ڪري سگهيا آهن جنهن سبب شهداد ڪوٽ، ڳڙهي ياسين، ميهڙ، سيوهڻ، خيرپور ناٿن شاهه سميت بلوچستان صوبو سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. روهڙي ۽ نارا ڪئنالن جي وهڪرن ۾ گهٽتائي سبب بدين، کوسڪي، ٽنڊو باگو، تلهار، مٺي، جمڙائو سميت ٻين علائقن جي پڇڙي جي هزارين آبادگارن ۾ تاءُ پکڙيل آهي. پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمين تي پوکيل ٻيجارا سڙي رهيا آهن جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد فياض حسين شاهه چيو آهي ته آبپاشي کاتي طرفان پاڻي جي ورهاست صحيح نه آهي جنهن سبب پڇڙي جا هزارين غريب آبادگار پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن.043041