ڏند صاف نه رکڻ سبب ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون؟

اوسلو (ويب ڊيسڪ) چيو ويندو آهي ته  وات جي صحت ۽ دماغي مرضن وچ ۾ واسطو هوندو آهي.

ان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ماهرن چيو آهي ته روزانو باقاعده ڏندن کي صاف رکڻ سان الزائمر ۽ ٻين دماغي بيمارين کان بچي سگھجي ٿو.

ناروي جي يونيورسٽي آف برجن جي سائنسدانن چيو ته روزانو ڏندن کي صاف رکندي نه رڳو اوهان پنهنجا ڏند بچائي سگھو ٿا پر پاڻ کي الزائيمر سميت ڪيترن مرضن کان پڻ محفوظ رکي سگھن ٿا.

ان تحقيق مان خبر پئي آهي ته مهارن جي سوڄ (جنسجي وائٽس) ۽ الزائيمر وچ ۾ گھرو واسطو آهي. ان جو ثبوت ڏيندي يونيورسٽي جي ڪلينيڪل علم واري  شعبي جي ماهر پائٽرمائڊل ۽ سندس ساٿين خاص بيڪٽيريا جا ڊي اين اي پيش ڪيا آهن. مهارن جي سوڄ ۾ جيڪي بيڪٽيريا سرگرم هوندا آهن اهي وات ذريعي دماغ تائين ويندا آهن ۽ اهي  سان الزائيمر جو سبب بڻبو آهي.

اهي بيڪٽيريا دماغ ۾ وڃي هڪ اهڙو پروٽين ٺاهيندا آهن جيڪو دماغي خلين يعني (نيورونز) کي تباهه ڪندو آهي ۽ انسان يادداشت گھٽ رهندي آهي ۽ آخرڪار اها الزائيمر طرف پهچي ويندي آهي. پروفيسر مائڊل جو چوڻ آهي ته اهي بيڪٽيريا الزائيمر جو سڌي ريت سبب ناهن پر اهي الزائيمر کي وڌائيندا آهن. ۽ سٺي خبر اها آهي جو برش ڪرڻ ۽ ڌاڳي سان فلاسنگ ڪرڻ سان ان خطري کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر مائڊن موجب جيڪڏهن اوهان جي خاندان ۾ ڪو ان مرض ۾ مبتلا ٿيو آهي ۽ اوهان به مهارن جي سوڄ ۾ مبتلا آهيو ته پنهنجي ڏندن جي ماهر سان رجوع ڪري ان مرض کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

ڊاڪٽر مائڊن ۽ سندس ٽيم الزائيمر جي 53 مريضن جو جائزو ورتو جن ۾ اهي بيڪٽيريا ۽ ان سان سلهاڙيل اينزائم ڏٺا ويا آهن. ان کان پوءِ هنن ان عمل کي روڪڻ لاءِ هڪ دوا ٺاهي آهي جيڪا هن سالن جي آخر تائين آزمائشي مان گذرندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.