عظيم ويسٽ انڊين آل رائونڊر ڪرس گيل به پاڪ ڀارت مقابلي جي رنگن ۾ رنگجي ويو…..

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) عظيم ويسٽ انڊين آل رائونڊر ڪرس گيل به عالمي ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي جي بخار ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اڄ مانچيسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ گرائونڊ ۾ ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو مقابلو ٿيڻ وارو آهي جتي ٻنهي ٽيمن جا ڪرڪيٽ پرستار پرجوش آهن اتي ڪرس گيل به الڳ رنگ اختيار ڪري ورتو آهي.

گيل پاڪستان ۽ ڀارت جي رنگن جو ڪوٽ پهريو ۽ اها تصوير فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي، گيل جي انداز کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.

ان ڏس ۾ جڏهن کائنس پڇو ويو ته ڇا اها توهان جي خاص ڊريس آهي جنهن جواب ۾ هن چيو ته  جي ها هي منهنجو آچر تي ٿيندڙ ميچ جو خاص لباس آهي.

پنهنجي لباس کي واضح ڪندي ڪرس گيل جو چوڻ هو ته هن لباس جي هڪ پاسي ڀارتي جهنڊي جا رنگ جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستاني جهنڊي جا رنگ آهن ۽ اهي ٻئي ٽيمون تمام گهڻيون مضبوط پڻ آهن.

جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ اڄوڪي ميچ ڪير کٽيندو ته هن مزاق ڪندي چيو ته ” ويسٽ انڊيز“

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.