بابر اعظم وڏي ميچ ۾ وڏي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو خواهشمند

 

لاھور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم چيو آهي ته ڀارت سان مقابلي لاءِ تيار آهيون.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ سيشن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته بالنگ اٽيڪ سٺو آهي ۽ اسان جا بيٽسمين به تيار آهن، هر رانديگر 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهي، اهو تاثر غلط آهي ته پاڪستان ٽورنامينٽ جي ڪمزور ٽيم آهي، جيڪو گذريو ان بابت آئون ناهيان سوچي رهيو ۽ ايندڙ ميچ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان.

هن چيو ته ڀرپور محنت ۽ پلاننگ سان ڀارت کي شڪست ڏينداسين، ڪو به واڌو دٻاءُ محسوس ناهيان ڪري رهيو، وڏي ميچ ۾ وڏي ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيان ٿو، جسپريت بمرا خلاف ڪا خاص پلاننگ ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ بابراعظم ويرات ڪوهلي کي پنهنجو آئڊيل قرار ڏيندي چيو ته هن جي ويڊيو ڏسي پنهنجي راند کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ڀارتي ڪپتان وڏو بيٽسمين آهي، هن جي راند ۾ بهتري وقت ۽ تجربي سان آئي آهي، آئون به ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.