عامر هجي يا ٻيو ڪو بالر، فوڪس رڳو بال تي هوندو آهي: ڀارتي ڪپتان

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويران ڪوهلي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ۾ هن جو ۽ محمد عامر جو ڪو به مقابلو ناهي، ڇو جو ڪنهن هڪ بالر سان مقابلو ڪڏهن به کيس دماغ ۾ ناهي هوندو.

مانچسٽر ۾ پريڪٽس سيشن کان پوءِ ويرات ڪوهلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن آڏو بالر ڪو به هجي، سندس فوڪس رڳو بال تي هوندو آهي، ڪنهن بالر سان مقابلو ڪڏهن به ذهن ۾ ناهي رکيو، ڇو جو سامهون عامر هجي يا پارٽ ٽائم بالر، جيڪڏهن خراب شاٽ کيڏيس ته وڪيٽ ويندي، عامر هجي يا ربادا، سٺي بالر جي صلاحيت جو احترام ڪرڻ ضروري آهي.

پاڪ ڀارت ميچ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ گھڻيون صلاحيتون آهن پر هو مخالف ٽيم بابت گھڻو ناهي سوچيندو، هن جي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي اسٽريٽجي کي ڏسي پلان ڪريان ۽ گرائونڊ ۾ بهتر ڪرڪيٽ جو مظاهرو ڪريان.

ڀارتي ڪپتان اميد ظاهر ڪئي ته سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 50 اوورن جي ميچ ٿئي پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اسان ڪامبينيشن تبديل ڪري سگهون ٿا.

پاڪ ڀارت مقابلن جي گرمي تي ويرات ڪوهلي چيو ته پروفيشنل ڪرڪيٽر طور مون لاءِ اها رڳو هڪ ميچ آهي، رانديگرن لاءِ ضروري آهي ته هو به ان ميچ کي پروفيشنل ميچ جيان وٺن، ٻاهران جو ماحول انجواءِ ڪرڻ فينز جو ڪم آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڀارتي ڪپتان جو چوڻ هو ته شيکر ڌوون جو نه هجڻ هڪ ڌچڪو ضرور آهي پر سندس جاءِ تي آيل رانديگر به سٺو آهي، تنهن ڪري گھڻي پريشاني ناهي.

هن شعيب ملڪ جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستاني آل رائونڊر پنهنجي ملڪ لاءِ گھڻو ڪجهه حاصل ڪيو، اهو ورلڊ ڪپ سندس آخري آهي، سندس لاءِ نيڪ خواهشون آهن.

ويرات ڪوهلي کان پاڪ ڀارت ميچ جي سڀ کان مزاحيا لمحي بابت پڇيو ويو، جنهن تي هن ٻڌايو ته موهالي ۾ سيمي فائنل دوران شاهد آفريدي ۽ وهاب رياض وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي ورتي هئي، جنهن تي پنهنجي کِل نه روڪي سگھيو هيس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.