چيمپيئنز ٽرافي جي فتح پراڻي ٿي وئي، سڀاڻي بهتر راند کيڏڻي پوندي: مڪي آرٿر

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم  جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته گرين شرٽس ورلڊ ڪپ ۾ هن وقت تائين پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، جنهن ڏينهن پاڪستان بهترين ڪرڪيٽ کيڏي ان ڏينهن اها ٽيم ڪنهن به مخالف کي شڪست ڏئي سگھي ٿي.

پاڪ – ڀارت ٽاڪري کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جي اهميت ايتري آهي، جيتري ڪنهن ٻي ميچ جي پر ان ميچ جي ڪارڪردگي رانديگرن جو ڪيريئر تبديل ڪري سگھي ٿي.

هن چيو ته هن ميچ ۾ به ٻين ميچن جيان ٻه پوائنٽون ئي ملڻيون آهن پر جيڪڏهن ڪنهن رانديگر هن ميچ ۾ سٺو پرفارم ڪيو ته ان جي ڪارڪردگي گھڻو عرصو ياد رکي ويندي.

مڪي آرٿر چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پاڪستان جي ڀارت خلاف ڪاميابي بابت ڳالهائيندي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي کي ٻن ورهيه گذري چڪا آهن، سڀاڻي ڀارت خلاف بهترين ڪرڪيٽ کيڏي پوندي، دنيا جون نظرون ان ميچ تي هونديون آهن ۽ اها ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ميچ آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مڪي آرٿر چيو ته اهو چوڻ درست ناهي ته شعيب ملڪ فيل ٿي ويو آهي، ويسٽ انڊيز خلاف ٽيم ۾ هو شامل نه هو، انگلينڊ خلاف هن ٽي اوور کيڏيا، جڏهن ته آسٽريليا خلاف بدقسمت رهيو، شعيب ملڪ جي ڪارڪردگي جي خبر ايندڙ ٻن ميچن ۾ پوندي.

پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ فيلڊنگ کي بهترين بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ توهان جي ڪارڪردگي جو دارو مدار توهان جي مخالفن جي ڪارڪردگي تي به هوندو آهي پر فيلڊنگ اهڙو شعبو آهي، جنهن جي سموري ڪارڪردگي توهان جي هٿن ۾ آهي، ان ڪري ڀارت خلاف مڪمل ڌيان سان فيلڊنگ ڪرڻي پوندي.

هڪ ٻئي سوال جي جواب مڪي آرٿر چيو ته ذاتي طور تي اعتبار جوڳو نه هجڻ وارو ٽيگ سٺو نٿو لڳي پر اهو ٽيگ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي دلچسپ به بڻائيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.