لنڊن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 20هين ميچ آسٽريلوي ٽيم سريلنڪا کي ڪاميابي لاءِ 335 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو.
لنڊن ۾ سريلنڪن ڪپتان ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهيون.
ڪينگروز ڪپتان ايرون فنچ شاندار بيٽنگ ڪندي 153 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 15 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هئا، ٻين رانديگرن ۾ اسٽيون سمٿ 73، گلين ميڪسويل 46 ۽ ڊيوڊ وارنر 26 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
سريلنڪا طرفان اڊانا ۽ ڊي سلوا 2-2، جڏهن ته لاسٿ ملنگا هڪ وڪيٽ ورتي.