سرڪار کي ٿرين تي رحم نه آيو، سخت گرمي ۾سول اسپتال مٺي جو جنريٽر به خراب، 7 ٻارڙا فوت

مٺي (رپورٽ : غازي بجير )ٿر ۾ ڏُڪاري حالتون انتهائي سنڱين ٿي ويون، موتمار گرمي، سول اسپتال مٺي جي حالت بدتر، بجلي بند، جنريٽر به خراب، 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا، خبرموجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ڏُڪاري حالتون انتهائي ڀيانڪ ٿي ويون آهن، گرمي پد 48 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي، سنڌ حڪومت طرفان ماڊل ۽ آغان خان جهڙي اسپتال قرار ڏنل سول اسپتال مٺي مڪمل طور مسئلن جو گهر بڻجي وئي آهي، جتي ايندڙ مريض صحتياب ٿيڻ بدران صرف پنهنجن پيارن معصوم ٻچڙن جا لاش هنج ۾کڻي روئندي گهرن طرف ويندي نظر اچن ٿا، مٺي سول اسپتال ۾ بجلي جي لوڊشٽينگ ۽ جرنيٽر خراب هجڻ سبب شديد گرمي ۽ بيمارين سبب 7 ٻارڙا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا آهن، سول اسپتال مٺي ۾ هڪ سال جي گوري، اڍائي سالن جي اسيت، 16ڏينهن جو وڪرم ۽ 3 تازن ڄاول ٻارن دم ڏنو ۽ ڇاڇرو تعلقي اسپتال ۾8 مهينن جي پنشا به زندگي جي جنگ هارائي وئي، جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو تعداد 29 ۽ هلندڙ سال ۾ 358 ٻارن دم ڏنو، سول اسپتال ۾سهولتن جي اڻهوند ۽ لوڊيشڊنگ جي آزار، جرنيٽرز خراب هئڻ سبب بيمار ٻار  گرمي ۾ تڙپڻ لڳا آهن، فوتي ٻارڙن جا وارث احتجاج ڪندي پنهنجا پيارن جا لاش کڻائي روئندي گهر روانا ٿي ويا آهن پر ضلعي انتظاميا سميت ڪنهن به چونڊيل نمائندي کي ڪهل نه آئي جو اهي اسپتال پهچي مريضن جي سار لهن، مريض هٿرايو پکا وٺي پنهنجن مريضن کي هوا وجهي رهيا آهن، سول اسپتال مٺي جو سمورو نظام خراب ٿيل آهي.

اسپتال ۾سهولتون ناهن، رڳو لاش پيا نڪرن، چيف جسٽس نوٽيس وٺي

مٺي:سول اسپتال مٺي ۾ ڪابه سهوليت ناهي،اسپتال موت گهر بڻيل آهي،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج نوٽيس وٺن،مريضن جون مسئلن خلاف دانهون نڪري ويون، مٺي اسپتال ۾داخل مريضن توڙي انهن جي وارثن سخت احتجاج ڪندي دانهيون آهي ته سنڌ حڪومت چوي ٿي سول اسپتال مٺي ۾آغا خان اسپتال کان به وڌيڪ سهولتون آهن پر هتي ته ڪا مٿي جي سور جي گوري به ناهي، اسپتال ڪوس گهر بڻيل آهي، ڊاڪٽر رڳو ڇا ڪندا، سهوليت نه هوندي ته علاج ڪٿان ڪندا، اسپتال ۾ مشينون خراب آهن، دوائون آهن ڪو نه، دوائون ٻاهر جون خريد ڪري رهيا آهيون، ڪا به ٽيسٽ نه پئي ٿئي، اسپتال عملو چوي ٿو بجيٽ ناهي ته عوام ڪهڙو ڏوھه ڪيو آهي، اسپتال مان مريض صحتياب ٿيڻ بدران رڳو لاش نڪرن ٿا، رهواسين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي صحت کاتي کي مسئلا حل ڪرڻ و پابند بڻايو وڃي.

ڪواٽر بجيٽ ختم ٿي وئي، ٻارڙا مري رهيا آهن، اسين به مري وينداسين: سول سرجن

مٺي : سول اسپتال ۾بجلي نه هجڻ ۽ جرنيٽر خراب هجڻ واري معاملي تي سول سرجن ڊاڪٽر جاويد اقبال چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رڳو مريض ڇا اسين تڙپي رهيا آهيون، ٻارڙا مري رهيا آهن اسين به مري وينداسين، هن چيو ته ڪواٽر بجيٽ هئي اها ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي پئسا نه آهن، ڊي ايڇ او کي چيو آهي حال صحيح نه آهي، اها جيڪا ڏسو پيا هي صورتحال آهي، لوڊشيڊنگ تمام گهڻي آهي.

گرمين ۾مريضن جو انگ وڌيو آهي، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي: ايم ايس اسلام ڪوٽ

مٺي: اسلام ڪوٽ اسپتال جي ايم ايس پير غلام نبي شاھه جيلاني ٿر جي سمورين وڏين اسپتالن مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي ايم ايس پير غلام نبي شاھه جيلاني چيو آهي ته ٿر ۾ سخت گرميون آهن، اسپتالن ۾ مريضن جو تعداد وڌي رهيو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ تمام گهڻي آهي، جنهن سبب اسلام ڪوٽ،مٺي،ڏيپلو،ڇاڇرو ،ننگرپارڪر، ڪلوئي سميت ٻين وڏين اسپتالن مان بجلي جي لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ڪئي وڃي ته جئين داخل مريضن کي رليف ملي سگهي، بجلي هجي نه ٿي انهي ڪري مريض ويتر عذاب ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا ۽ ڊاڪٽر توڙي عملو ڪم نه ٿو ڪري سگهي ۽ مشينون به بند هجن ٿيون، هن سنڌ حڪومت سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج  ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي آهي ته هن اهم مسئلي تي ڌيان ڏيئي حل ڳوليو وڃي ته جئين ٿري ماروئڙن کي بهتر رليف ملي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.