رتيديري ۾وڌيڪ 10 ٻارڙن کي ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق، بهتر علاج جا انتظام نه ٿيا

لاڙڪاڻو/رتوديرو (رپورٽ : مرتضيٰ ڪلهوڙو + طفيل ساريو ) رتيديري ۾وڌيڪ 10 ٻارڙن کي ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق، بهتر علاج جا انتظام نه ٿيا، رتيديري تعلقي اسپتال ۾قائم ڪئمپ تي اسڪريننگ جي عمل دوران ايڇ آءِ وي وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاھر ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي، اسڪريننگ ڪئمپ تي 224 ڄڻن جي رت جي چڪاس ڪئي وئي، جنھن ۾وڌيڪ 10 معصوم ٻارڙن ۾ايڇ آءِ وي وائرس ايڊز جي تصديق ڪئي وئي آھي، ڏيڍ مهيني کان جاري اسڪريننگ ڪئمپ تي 27 هزارن کان مٿي ماڻهن جي رت چڪاس ڪئي وئي آهي، جنهن ۾797 ايڇ آءِ وي وائرس جا ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، جنھن ۾ 650 معصوم ٻارڙا شامل آھن، ايڇ آءِ وي آئوٽ بريڪ کي ڏيڍ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي پر صحت کاتي پاران تاحال متاثرن جي علاج لاءِ خاطر خواھه بندوبست نه ڪيو ويو آھي، ڊبليو ايڇ او جي وفد پاران اسڪريننگ توڙي ايڇ آءِ وي پازيٽو جي ڪائونسلنگ لاءِ تجويز ڪيل سفارشن تي به عمل نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن ته ڊبليو ايڇ او جي ھدايتن تي ايڇ آءِ وي پازيٽو آيل سمورن مريضن جي ري اسڪريننگ ۽ پازيٽو آيل مريض جي گھر ڀاتين جي به بلڊ اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، انھيءِ لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي متاثر مريضن جي گھر گھر وڃي رت جي چڪاس ڪري رھيون آھن، هوڏانهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو عبدالنعيم جي هدايتن تي صحت کاتي جي ٽيم طرفان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ 105 قيدين جي ايڇ آءِ وي وي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي جنهن مان هڪ قيدي کي ايڇ آءِ وي پازيٽو هئڻ جي تصديق ڪندي سندس جون ابتدائي ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. ٻي طرف رتيديري ۾ايڇ آءِ وي وائرس ڦهلجڻ جي جاچ ڪندڙ ڊبليو ايڇ او جي عالمي ماهرن جي ٽيم ابتدائي رپورٽ مڪمل ڪندي ڪراچي رواني ٿي چڪي آهي جتي ٽيم طرفان اڄ جمعي ڏينهن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ وفاقي صحت جي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مراز، صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، صحت کاتي جي وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين، نيشنل ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مئنيجرن سميت لاڳاپيل عملدارن کي بريفنگ ڏيڻ سان گڏ عالمي ماهرن جي ٽيم جي اڳواڻيءَ ڪندڙ ڊاڪٽر اوليور مورگن طرفان مڪمل ٿيل ايڇ آءِ وي جي جاچ رپورٽ اڄ پاڪستان جي حوالي ڪئي ويندي.

اسڪريننگ ڪٽس ناڪاره نڪتيون، هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾عملو سامان ڇڏي فرار

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام کي فراهم ڪيل بلد اسڪريننگ ڪٽس ناڪاره نڪتيون،  ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾رکندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي رجسٽرار طرفان عملي جي بلڊ اسڪريننگ لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر عبدالستار شيخ کي ليٽر لکيو جنهن بعد ڪالهه ايڇ آءِ وي ايڊز پروگران ايڊلٽس سينٽر جي ٽيڪنيشن عبدالشڪور کي ججز لاجز ۾ بلڊ اسڪريننگ جي لاءِ موڪليو، ملازمن جي بلڊ اسڪريننگ دوران 3 ملازمن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو اچڻ بعد ملازمن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇائنجي وئي جن ٽيڪنيشن کي پڪڙي پنهنجي ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو جنهن تي ٽيڪنيشن سامان ڇڏي فرار ٿي ويو، ٽيڪنيشن جي فرار ٿيڻ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ناراضگي جو اظهار ڪندي پازيٽو آيل ملازمن مان ٻن ملازمن کي آغا خان مان ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي. هوڏانهن پراسرار صورتحال کي نظر ۾ رکندي هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن پاران ايڇ آءِ وي ايڊلٽس سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر هولا رام کي طلب ڪري ورتو جنهن ٻڌايو ته سخت گرميءَ سبب بلڊ اسڪريننگ ڪٽس جا نتيجا غلط آيا آهن، فرسٽ ڪٽ تي فالس پازيٽو جي تصديق لاءِ ئي ٻين ٻن ڪٽس تي بلڊ اسڪريننگ ڪندا آهيون، ڊبليو ايڇ او پاران جاري ڪيل بلڊ اسڪريننگ ڪٽس کي 35 سينٽي گريڊ کان گهٽ گرمي پد تي رکيو ويندو آهي جنهن لاءِ فرج آهي پر سخت گرميءَ سبب ڪٽس تي اثر پيو آهي.

گهوٽڪي ۾ايڊز وگهي 10 ورهين جي نينگري فوت

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي ۾ايڊز وگهي 10 سالن جي ٻارڙي فوت خبرموجب گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ عطر ابڙي جي رهواسي 10 ورهين جي صوفيا ڌيءُ قائم ابڙو ايڊز وگهي فوت ٿي وئي آهي، واضح رهي ته ايڊز ۾مبتلا نينگري صوفيا جو  لاڙڪاڻي ۾علاج هلندڙ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.