اسلام آباد (بيورو) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب جو ايڪشن جاري، لينڊ ڊپارٽمينٽ ڪراچي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سجاد عباسي کي گرفتار ڪيو ويو، نيب لينڊ ڊپارٽمينٽ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سجاد عباسي کي ضمانت رد ٿيڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪري ورتو. جوابدار تي ڪراچي ۾ فلاحي پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا پاڪستان ڦرلٽ جو ما آهي، جيڪو به اچي ۽ کائي پي هليو وڃي. نيب ٻڌائي ته ان ۾ وڏي وزير کي ڇو نه جوابدار بڻايو ويو آهي؟، هوڏانهن ڪراچي جيل ۾ موجود جوابدار غني مجيد کي اسلام آباد منتقل نه ڪرڻ تي به عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.043041