25 مهينا گم رهڻ بعد ظاهر ڪيل هدايت لوهار آزاد، ڪارڪنن جي آجيان

نوابشاهه(رپورٽ اڪرم چانڊيو) دهشتگردي ڪورٽ نوابشاه پاران ڪيس 149 جو ڇالان پيش ڪرڻ کان پوء وڪيل اياز گوپانگ هدايت لوهار جي ضمانت جي درخواست عدالت سڳوري کي ڏني جنهن تي اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽ جي جج منير احمد خواجا هدايت لوهار کي 50 هزار جي شوئرٽي تي کيس جيل مان آزاد ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو جنهن بعد نوابشاه جيل آڏو جسقم جي سوين ڪارڪنن کيس جيل مان آزاد ٿيڻ وقت گل ۽ اجرڪون پارايون ويون. وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي انهي موقعي تي هدايت لوهار چيو ته وڏن مقصدن لاء وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن مان سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ قومي ڪارڪنن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن لاءِ آواز اٿاريو منهنجي آزادي به ان جو نتيجو آهي۔ ياد رهي ته هدايت لوهار تقريبن 25 مهينا گم رهڻ بعد 28 مئي 2019 تي دوڙ پوليس کيس هينڊ گرنيڊ سميت گرفتاري ظاهر ڪئي . سندس آزادي وقت تاج جويو، علي رضا خاصخيلي، سرمد ميراڻي، بخشل باغي، ڌيءُ سورٺ،  پٽ سارنگ لوهار ،  سرفراز ميمڻ، انور چانڊيو غلام علي ڪيريو، منير ابڙو، ذوالفقار کوکر، ناصر شاه، فراز عباسي، مزمل چانڊيو ۽ ٻيا موجود هئا. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.