افسوس سان چوان ٿو ته ڪراچي بدترين شهر بڻجي ويو آهي: جسٽس گلزار احمد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾امل قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته افسوس سان چئي رهيو آهيان ته ڪراچي پاڪستان جو بدترين شهر بڻجي ويو آهي، هتي ڪابه حڪومت ناهي، پهريون اسان گهر کان ٻاهر وڃي کيڏندا هئاسين پر هاڻي ٻار گهر مان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ امن عمر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران امل عمر جي والدين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ ۾ پوليس، ريگوليٽر ۽ اسپتال تي ذميواري لاڳو ٿيڻي هئي، رپورٽ تي عمل ڪندي سنڌ پوليس کي پئٽرولنگ ۾ ڳرا هٿيار استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس رپورٽ ۾ غلطي قبولي آهي. جسٽس گلزار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس جي گهڻي پسن منظر جي خبر ناهي پر ڇا هٿيارن جي استعمال کان روڪڻ ڪراچي جهڙي شهر ۾ ٺيڪ هوندو. هن چيو ته ڇا حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ هٿيارن جي استعمال کان پوليس کي روڪي سگهجي ٿو،  جنهن تي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پئٽرولنگ پوليس کي مشين گنز جهڙا هٿيار نه ڏنا ويندا آهن.  سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ان اهم عاملي تي پنهنجو موقف ڏيڻ چاهيان ٿو. ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ سرڪار وٽ ته ڪيترن ئي مسئلن جو حل نه هوندو آهي، توهان نه ڳالهايو سنڌ سرڪار جي حالت ته تمام گهڻي خراب آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.