ڇا حمائمه ڳجهي شادي ڪري ڇڏي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا حمائمه ملڪ بابت افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته هن ڳجهي شادي ڪري ڇڏي آهي.

فلم “بول” ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ پاڪستاني اداڪارا حمائمه گذريل ڏينهن عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ۾ موجود هئي. ان دوران حمائمه پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ سيلفي شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ اڪبر ڊيڍي نالي شخص سان گڏ نظر اچي رهي آهي.

 

View this post on Instagram

 

CHAND RAAT it was in MADINA 💚

A post shared by HUMAIMA MALICK (@humaimamalick) on

هونئن ته حمائمه ملڪ مداحن سان پنهنجي نجي زندگي بابت گھڻو ڳالهيون شيئر ناهي  ڪندي تنهنڪري هن  جيئن ئي اها سيلفي شيئر ڪئي ته سندس مداحن ۾ گوڙ مچي ويو ۽ سوشل ميڊيا واهپيدار اهو ڄاڻڻ لاءِ بيچين ٿي ويا ته سندن پسنديدهه اداڪارا ڳجهي شادي ته ناهي ڪئي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ته اهو به چئي ڇڏيو ته اهو شخص حمائما ملڪ جو مڙس آهي .

حمائما ملڪ ان کان اڳ به حمائما انهيءَ شخص سان گڏ تصوير شيئر ڪندي اڪبر کي خطرناڪ پر سخي قرار ڏنو هو.

واضح رهي ته حمائمه ملڪ اداڪار شمعون عباسي سان 2010ع ۾ شادي ڪئي هئي پر اها شادي گھڻو عرصو برقرار نه رهي سگھي ۽ ٻئي ٻن سالن کان پوءِ ڌار ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.