لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز شريف کي نيب گرفتار ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب دليل ڏيندي چيو ته حمزا شهباز شريف جي 38 ڪروڙ 80 لک جا اثاثا سندس آمدني سان هڪجهڙائي نٿا رکن. هن ٻڌايو 2015ع کان 2018ع تائين حمزا شهباز اثاثا ظاهر نه ڪيا ۽ اوچتو حمزا شهباز 2019ع ۾ چيو ته سندس اثاثا 5 ڪروڙ مان 20 ڪروڙ جا ٿي ويا آهن. حمزا کان آف شور ڪمپنين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن دوران هو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو هو . حمزا شهباز جي وڪيل ٻڌايو ته نيب رڳو گرفتاري جا سبب ۽ انڪوائري ۽ جاچ بابت دستاويز ڏئي. هن جواب ڏنو ته نيب چيئرمين سندس اصيل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين قانون موجب ڪنداسين، هن ٻڌايو ته. حمزا شهباز پنهنجي ضمانت جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون جنهن کان پوءِ نيب اختيارين حمزا شهباز کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪيو، کيس نيب آفيس ٺوڪر نياز بيگ منتقل ڪيو ويندو.