رپورٽ: ڳاڙهو: سامونڊي پٽي جي جيالن پاران آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڳاڙهو: سامونڊي پٽي جي جيالن پاران آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڳاڙهو: سامونڊي پٽي جي جيالن پاران آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج

 

ڳاڙهي ۾ آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف ساحلي پٽي جي جيالن پاران احتجاج ڪيو ويو

ڪارڪنن حاجي صديق خاصخيلي، حاجي اميد علي ، ملڪ سليمان کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي ڪارڪنن ٽائر ساڙي وفاقي حڪومت ۽ نيب ڇتي نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ قيادت ڊڪٽيٽرن کي منهن ڏنو آهي ته اشارن جي ڪڏڻ واري حڪومت کي به منهن ڏئي وينداسين

سندن چوڻ هو ته آصف زرداري خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪري ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن جي هو ڀرپور مذمت ڪن ٿا

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته فوري طور آصف علي زردار خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃِي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………………..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.