رياستي ادارا حڪومت جي پٺ ڀرائي ڇڏين: فضل الرحمان

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومتي نااهلي ثابت ٿي چڪي آهي، عوام جي چونڊيل حڪومت وجود ۾ اچڻ گهرجي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته اسان جو رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڪري پيو، حڪومت نااهل آهي، بجيٽ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، گرفتاريون اپوزيشن جو ڪم آسان ڪري رهيون آهن.

سندس چوڻ هو ته رياستي ادارا حڪومت جي پٺڀرائي ڇڏين، 19 جون تي شوريٰ، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ اي پي سي ٿيندي، اي پي سي سميت ملين مارچ جو سلسلو به جاري رکنداسين، سڀ مذهبي جماعتون متحد آهن، اختر مينگل اپوزيشن ۾ هوندو، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ گڏيل پلان جوڙينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.