سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪا خبر ناهي، سڀ گهرو وزير ڪرائي رهيو آهي: آصف زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪا خبر ناهي، هي سڀ گهرو وزير ڪرائي رهيو آهي.

عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪا خبر ناهي، سڀ گهرو وزير ڪرائي رهيو آهي، پرويز مشرف چونڊيل نمائندو نه هو تنهنڪري جيل وڃڻ لاءِ تيار ناهي، پرويز مشرف کي ووٽ وٺڻ لاءِ ناهي وڃڻو اسان کي ووٽ لاءِ وٺڻ وڃڻو آهي.

آصف زرداري چيو ته گرفتاري ٽئين دنيا ۾ سياست جو حسن آهي، منهنجي گرفتاري دٻاءُ جي حربي ۾ آهي جڏهن ته مون چيو هو ته نيب چيئرمين جي ڪهڙي مجال، سڀ حڪومت ڪندي آهي پر عمران خان کي لنڊن ڀڃندي ڏسي رهيو آهيان.

هڪ سوال تي نواز شريف کي پارليامنٽ مان آئوٽ ڪيو ويو، ڇا اوهان تي به اهو ئي فارمولو اپلائي ڪيو پيو وڃي، جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته ڪهڙو فرق پوندو، مان نه هوندس ته بلاول هوندو ۽ بلاول نه هوندو ته آصفه هوندي. صحافي طرفان سوال تي نواز شريف ميمو گيٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو، اوهان کي بلوچستان حڪومت ڪيرائڻ تي افسوس آهي، اڳوڻي صدر چيو ته سياست ۾ انسان کي پوزيشن وٺڻي پوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.