آواز کي دٻايو ويو، قومي اسيمبلي ۾ سنسر پيو ٿيان…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو ٻيون اجلاس آهي جنهن ۾ مهنجي آواز کي دٻايو ويو آهي ۽ آئون اسيمبلي ۾ سنسر ٿي رهيو آهيان.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ پ پ پ جي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن بعد هن زرداري هائوس مان گرفتاري ڏني.

پيءُ جي گرفتاري تي بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ هائوس پهتو ته پيپلز پارٽي جي ميمبر ڊيسڪ وڄائي سندس استقبال ڪيو.

مخالف ڌر ميمبرن اسيمبلي جي اسپيڪر کان بلاول ڀٽو زرداري کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيڻ تي اسپيڪر جي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کي مائيڪ ڏنو جنهن تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو ۽ انهيءَ شور ۾ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

بعد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ٻيو ڀيرو مون کي ايوان ۾ ڳالهائڻ ناهي ڏنو ويو، ٻيو ڀيرو لاڙڪاڻي جي ايم اين اي کي ناهي ڳالهائڻ ڏنو ويو.

سندس چوڻ هو ته ڊپٽي اسپيڪر ٻن وزيرن فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد کي ڳالهائڻ ڏنو.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هي ٻيو اجلاس آهي جنهن ۾ منهنجي آواز کي دٻايو ويو آهي، آئون قومي اسيمبلي ۾ سنسر ٿي رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.