جيالا پر امن رهن : مصطفيٰ نواز کوکر

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر  شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور جي ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ ۽ سندن گرفتاري جي اجازت ملڻ تي سڄي ملڪ جي جيالن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

جيالا جذباتي نه ٿين، صبر جو مظاهرو ڪن. هن ٻڌايو ته اڄ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيندا ۽ تفصيلي عدالتي فيصلي جي روشني ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.