16 جون کان بيروزگارري ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ هلائينداسين: سراج الحق

صوابي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي 16 جون کان لاهور کان بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف احتجاج تحريڪ شروع ڪري رهي آهي.

صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت رياست مدينا جي مخالف رخ ۾ وڃي رهي آهي ۽ قوم کي امن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت جو قبائلي ضلعن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو خط لکڻ آئيني لحاظ کان درست ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت وٽ ڪو به اختيار ناهي ته هو اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ خط لکي، حڪومت جو گراف هيٺ ڪري رهيو آهي، تنهنڪري هو چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.