عمران خان سڀ کان پهرين گهر وارن جا اثاثا ظاهر ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب جو پيغام عليما باجي، جهانگير ترين ۽ دوست عزيزن لاءِ هو، هو پنهنجي گهر واري، ٻارڙن ۽ ڀينرن جا اثاثا ظاهر ڪري.  وزيراعظم جي پيغام جي رد عمل ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب توهان کي جڏهن به عوام سان وڏي ڪوڙ جو رڪارڊ قائم ڪرڻو هوندو آهي، توهان رڪارڊ ڪري قوم کي پيغام ڏيندا آهيون، عمران صاحب توهان کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ مهارت حاصل آهي، پارليامينٽ ۾ اچي ڪوڙ ڳالهائيندا ڪيو پر توهان پارليامينٽ ۾ اچڻ کان تنهن ڪري خوفزده ٿيندا آهيو جو توهان ووٽ چوري ڪيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن قرض ورتو جيڪو هر ملڪ وٺندو آهي، عمران خان صاحب توهان کي اهو به ٻڌائڻو هو ته مسلم ليگ ن ملڪ کي 11 هزار ميگا واٽ بجلي فراهم ڪئي، 10 هزار ڪلو ميٽر موٽروي ويز ۽ روڊن جو ڄار وڇايو، دهشتگردي ختم ڪئي، صحت ۽ تعليم جا منصوبا ڏنا، توهان 10 مهينن دوران 30 هزار ارب قرض حاصل ڪيو ۽ هڪ سر نه لڳائي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان صاحب توهان کي مسلم ليگ ن جي ايمنسٽي تي پنهنجي تقرير تي ياد هوندي، توهان رڳو هڪ سال اڳ چيو هو ته مسلم ليگ ن جي ايمنسٽي مان جيڪو فائدو حاصل ڪندو جيل ۾ هوندو، اڄ عليما ڪهڙي جيل ۾ آهي، عليما باجي، جهانگير ترين ۽ فيصل واوڊا ٻڌي ڇڏي 30 جون کانپوءِ عمران خان صاحب توهان کي بي نامي ۽ غير قانوني اثاثا حلال ڪرڻ جو موقعو نه ڏيندو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان توهان ٻڌايو نه ته ٽيڪس روينيو ۾ 500 ارب جو خسارو آهي ڇو ته عوام سمجهي ٿو ته وزيراعظم نااهل، نالائق ۽ ڪوڙو آهي ۽ توهان جي چوڻ موجب چور آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.