خيرپور مان گم ٿيل معصوم نينگر قتل، ڪوٽڏيجي ويجهو لاش هٿ، هڪ شڪي گرفتار

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد عابد ڪالوني مان لاپتا ٿيل معصوم نينگر جو لاش ڪالهه ڪوٽڏيجي ڀرسان محبت واھه مان هٿ اچي ويو، 7 ورهين جي سبطين ولد خليل احمد سومرو جو لاش ڪوٽڏجي ڀرسان محبت ڪينال ۾جيئن تري آيو ته موقعي تي موجود ماڻهن لاش ڏسندي ئي ڪوٽڏجي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش کي تحويل ۾وٺي تعلقي اسپتال ڪوٽڏجي ڏانهن منتقل ڪرايو، جتي معصوم نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي بعد ۾لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڪوٽڏجي پوليس موجب لاش جڏهن انهن پنهنجي تحويل ۾ورتو ته لاش مٿان تشدد جا واضع نشان پڻ موجود هئا، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي پر هڪ ٻن ماڻهن تي شڪ آهي، اهو پوليس کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، بعد ۾اي سيڪشن پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ شخص شاهزيب جاگيراڻي کي گرفتار ڪري کائنس وڌيڪ پڇا ڳاڇا جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي، هوڏانهن خيرپور جي ايس ايس پي عمر طفيل سبطين سومرو جي گم ٿيڻ بعد سندس لاش ملڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، ان ڏس ۾ايس ايس پي خيرپور اي ايس پي سٽي ڊاڪٽر عمران مرزا هڪ ٽيم تشڪيل ڏني آهي جنهن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته معصوم نينگر سبطين سومرو جي قاتلن جو سراخ لڳايو وڃي ۽ کيس فوري طور تي اهڙي رپورٽ ڏني وڃي، ٻئي طرف پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد نفيسه شاهه معصوم نينگر سبطين جي گم ٿيڻ بعد سندس لاش ملڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي خيرپور جي ايس ايس پي عمر طفيل کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ نفيسه شاهه معصوم نينگر سبطين جي وارثن کي پڻ فون ڪري پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعي  بابت گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ کين يقين ڏياريو ته پوليس معصوم نينگر جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين عبرت ناڪ سزا ڏيندي.

واقعي بعد شهر ۾سوڳ، سياسي سماجي اڳواڻ نينگر جي وارثن وٽ پهتا

خيرپور : خيرپور جي عابد ڪالوني جي رهواسي خليل احمد سومري جي معصوم نينگر سبطين جي گم ٿيڻ بعد سندس لاش ملڻ واري خبر جيئن ئي خيرپور شهر ۾ پئي ته خيرپور شهر ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو ان ڏس ۾ مختلف سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ زندگي جي ٻين مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ معصوم نينگر سبطين جي وارثن وٽ عابد ڪالوني پهچي ويا  جتي هنن معصوم نينگر جي والدين سان همدردي جو اظهار ڪيو جڏهن ته شهرين سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکي هڪ ٻئي کي هدايتون ڏنيون آهن ته اهي پنهنجن پنهنجن گهرن جي ٻاهران سي سي ٽي وي ڪيمرائون نصب ڪرائن ته جيئن معصوم نينگرن جي وڌندڙ اغوائن وارن واقعن جي روڪ ٿام ٿي سگهي.

عابد ڪالوني مان ٻن مهينن ۾5 ٻار اغوا ٿيا، لاش ملڻ جو پهريون واقعو

خيرپور : خيرپور جي ڳتيل آبادي عابد ڪالوني ۾گذريل ٻن مهينن کان وٺِي معصوم ٻارڙن جي اغوا وارو سلسلو مختلف موقعن تي جاري رهي ٿو، ساڳي پاڙي مان 5 ٻارن کي پهريان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 5 ورهين جي معصوم نينگري فوزيا سومرو، 6 ورهين جي عنايان سومرو،7 ورهين جو عبدالرحيم بگٽي ۽ 8 ورهين جو عاليان علي شامل آهن، جن جي بازيابي معصوم ٻارڙن جي وارثن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿي، ياد رهي ته سبطين سومري جي اغوا بعد سندس لاش ملڻ وارو پهريون واقعو آهي، هن واقعي هر شهري جي دل کي جهوري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.