آصف زرداري جي گرفتاري جا امڪان آهن: ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي( م ڊ) سياستدانن ۽ صحافين چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف احتساب نه پيو ٿئي روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر  ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته نيب آصف زرداري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، سندس گرفتاري جا امڪان موجود آهن هم ٽي وي جي پروگرام ايجنڊا ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته پ پ تحريڪ هلائڻ جي سگهه رکي ٿي.  هن چيو ته عدليه بحالي سميت اڪثر تحريڪن پٺيان ڪي ٻيا هوندا آهن  جنهن سبب نتيجا به انهن جي حق جا هوندا آهن. موجودهه وڪيل تحريڪ  پنهنجي اصل مقصد تحت هلي ته نتيجا ماڻيندي. هن چيو ته سڀني ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. نهال هاشمي چيو ته حاڪم ۽ محڪوم لاءِ ڌار احتساب آهي. احتساب عوام جو حق آهي. صحافي مجاهد بريلوي چيو ته  پ پ ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي کان انتقام ورتو . اهي ائين نه ڪن ها ته اڄ ڏکيا ڏينهن نه ڏسن ها. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.