اڃا تائين سکي رهي آهيان: صنم ماروي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مشهور ڳائڻي صنم ماروي چيو آهي ته هن 7 ورهين جي عمر کان ئي صوفي ڪلام ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صنم ماروي چيو ته منهنجو واسطو حيدرآباد سان آهي ۽ لاهور منتقل ٿيڻ سان گھڻي سولائي ٿي وئي آهي. هتي منهنجي ماسي ۽ مٽ مائٽ به آهن، آئون صوفياڻن ڪلامن سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، منهنجو پيءُ ٻارن کي صوفياڻيا ڪلام سيکاريندو هو عابده پروين ۽ منهنجي پيءُ جو استاد هڪ ئي آهي ننڍپڻ کان ئي کيس رياض ڪندي ۽ سکندي ڏسي آئون به 7 ورهين جي عمر کان ئي صوفي ڪلام ڳائڻ شروع ڇڏيا هئا.

سندس چوڻ هو ته صفياڻن ڪلامن لاءِ ضروري آهي ته توهان کي ڪلاسيڪل موسيقي ۾ به مهارت هجي، آئون ڪلاسيڪل موسيقي استاد فتح علي خان گواليار کان سکي جڏهن ته ٺمري جو اسٽائل استاد مجيد خان لکنو واري کان سکيو آهي هن وقت تائين سکڻ جو سلسلو جاري آهي، آئون پنهنجي ٽيم سان گڏ 10 سالن کان ڪم ڪري رهي آهيان منهنجي ٽيم ۾ بانسري تي بادشاهه، ڪي بورڊ تي طاهر حسين، دهل تي فقير حسين ۽ طبلي تي ڪاشف آهن اسان سڀ هڪ فيملي جيان آهيون.

صنم ماروي چيو ته پاڪستان ۾ جيترا به گلوڪار آهن سڀ ٽيلينٽيڊ آهن آئون سڀني کان سکي رهي آهيان، آئون عابدا پروين مان گھڻي متاثر آهيان، اسٽيج ۽ اسٽوڊيوز جي پرفارمنس ۾ گھڻو فرق هوندو آهي. چار سال اڳ هڪ ڪنسرٽ ڪيو هو جنهن ۾ عابدا پروين به گڏ هئي اتي هزارن جي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا جيڪي کيس ٻڌڻ آيا هئا، ان وقت هن آڏو آئون نه ڳالهائي پئي سگھان ۽ نه ئي ڳائي پئي سگھان تڏهن مونکي احساس ٿيو ته ڪو استاد آڏو هجي ته ڳائڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي .

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڳائڻ کان علاوه مونکي گھر ۽ ٻارن کي وقت ڏيڻ سٺو لڳندو آهي، آئون روزانو رياض ڪندي آهيان ڇو جو استاد چيو هو ته توهان هڪ ڏينهن رياض ڇڏيندو ته توهان اٺ ڏينهن پوئتي هليا ويندو، رياض ڇڏڻ سان ڳلو خراب ٿي ويندو آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.