ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) عدالتي حڪم تي شهر ۾ حددخلين خلاف وڏي آپريشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي.
ڪي ايم سي جي حددخلين جي خاتمي واري سيل آپريشن لاءِ مشينري طلب ڪري ورتي ۽ ان سان گڏوگڏ آپريشن لاءِ سڀني زونز جي ملازمن کي به طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ڪي ايم سي جو اهم اجلاس سومر تي ٿيندو.
ڪي ايم سي اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن جي شروعات اوڀر ضلعي ۽ مرڪز کان ڪئي ويندي ۽ ان ۾ فٽ پاٿن تي ٺهيل شيڊر ۽ فلاحي ادارن جا رسپانس سينٽر به هٽايا ويندا.
ڪي ايم سي اختيارين موجب آپريشن کان اڳ فلاحي ادارن کي هڪ ڏينهن جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ اڏاوتون ڊاهيون وينديون.