سونم ڪپور هندو انتها پسندن جو چهرو وائکو ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور معصوم ٽوئنڪل جي بي رحماڻي موت تي سياست ڪندڙ انتهاپسند هندن جو چهرو وائکو ڪري ڇڏيو .

ڪجهه ڏينهن پهريان ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر علي ڳڙهه جي علائقي ٽپال ۾ اڍائي ورهين جي معصوم ٽوئنڪل شرما سان پيش آيل حادثي سڄي ڀارت کي لوڏي وڌو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ٻه جون تي معصوم ٽوئنڪل شرما جو مڙهه سندس گهر ويجهو گند جي ڍير مان هٿ آيو آهي، سفاڪ وحشي ٽوئنڪل کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ سندس جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان کي تيزاب سان ساڙي ڇڏيو هو، جڏهن ته نينگري جون اکيون به ڪڍيون ويون هيون.

ٻارڙيءَ جو مڙهه سندس گم ٿيڻ جي ٽن ڏينهن کان پوءِ هٿ آيو هو، معصوم نينگري جون تصويرون سامهون اچڻ کان پوءِ شوبز ستارن سميت سموري ڀارت ان حادثي تي آواز اٿاريندي ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن زاهد ۽ اسلم کي گرفتار ڪيو آهي اهي ٻئي ٽوئنڪل جا پاڙيسڙي آهن.

 ٻنهي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ واري خبر  انتها پسند هندن کي ٽوئنڪل جي موت تي سياست ڪرڻ ۽ هڪ ڀيرو وري ڀارت ۾ موجود مسلمانن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جو موقعو هٿ اچي ويو. ٽوئيٽر تي انتها پسندن طرفان ان واقعي کي بنياد بڻائي مسلمانن کي نه رڳو بدنام ڪيو پيو وڃي پر ڀارت ۾ موجود مسلمانن خلاف پروپيگنڊا ڪندي نفرت جي پرچار ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه ان واقعي کي مذهبي رنگ ڏئي ان تي سياست ڪئي پئي وڃي.

ان ڏس ۾ اداڪارا سونم ڪپور ٽوئنڪل سان ٿيندڙ ظلم تي ڏک جو اظهار ڪندي انتها پسند هندن جو چهرو وائکو ڪيو آهي. سونم ڪپور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته گلن جهڙي معصوم ٽوئنڪل سان جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو ڏاڍو ڀوائتو آهي، منهنجون دعائون ٽوئنڪل ۽ سندس وارثن سان گڏ آهن. پر ٽوئنڪل جي موت تي جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو به ٺيڪ ناهي، آئون ماڻهن کي درخواست ڪيان ٿي ته ٽوئنڪل جي موت کي پنهنجي بي حسي جي ڀيٽ نه چاڙهيو، اهو هڪ معصوم ٻارڙي جو ڏکوئندڙ موت جو معاملو آهي ان کي نفرت پکيڙڻ جو سبب نه بڻايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.