سريلنڪن صدر ايسٽر ڌماڪن جي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا جي صدر ميٿري پالا سريسينا پنهنجي ڪابينا کي چيو آهي ته ايسٽر تي ٿيندڙ آپهگاتي حملن ۾ سيڪيورٽي خامين بابت ٿيندڙ پارلياماني جاچ ۾ سهڪار نه ڪنداسين.

سريلنڪن صدر جمعي ڏينهن ڪابينا جو هنگامي اجلاس سڏايو هو،  جنهن ۾ هن 21 اپريل تي حملن جي جاچ لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي ( پي ايس سي ) جي مخالفت ڪئي وئي، جنهن ۾ 258 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

پرڏيهي خابرو اداري کي بچاءُ واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته سري سينا ميٿري پالا جاچ لاءِ پوليس، فوج ۽ ڳجهي اداري جي ڪنهن به اهلڪار کي پارلياماني ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

صدر جي آفيس مان ڪابينا جي ڄاڻايل هنگامي اجلاس بابت ڪو به بيان سامهون ناهي آيو،  پر چيو ويو آهي  ته صدر اعليٰ آفيسرن کي چيو آهي ته هو ڪنهن به حاضر سروس پوليس آفيسر کي پارلياماني ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.