لاڙڪاڻي ۾ ايڊز سبب متاثر 57 سيڪڙو مريض علاج کان وانجهيل

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) رتي ديري ۾ ايڊز جي وبا تي عالمي ماهرن جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اڌ کان وڌيڪ مريض علاج کان وانجهيل آهن. لاڙڪاڻي جي تعلقي رتي ديري ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت عالمي ماهرن طرفان ڊبليو ايڇ او جي جنيوا هيڊ ڪوارٽر کي موڪليل پهريل رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. رپورٽ موجب ايڇ آءِ وي سبب متاثر مريصن جو تعداد 751 آهي جنهن ۾ 604 ٻارڙا به شامل آهن. هن وقت تائين رڳو 324 متاثر ماڻهن کي علاج ملي چڪو آهي جيڪو 43 سيڪڙو آهي جڏهن ته 57 سيڪڙو متاثر علاج کان وانجهيل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته متاثرن کي دوائن جي فراهمي هڪ چئلينج آهي، پاڪستان وٽ رڳو 240 متاثر ٻارڙن کي علاج جون سهولتون موجود آهن ۽ 364 ٻارڙا علاج کان وانجهيل آهن. 240 علاج هيٺ ٻارڙن لاءِ  به رڳو 15 جولاءِ تائين دوائن جو اسٽاڪ موجود  آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.