ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ گرميءَ جي شديد لهر برقرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ شديد گرميءَ جي لهر برقرار آهي جنهن سبب ڪارونهوار سخت متاثر ٿيو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ هلندڙ گرمي جي لهر اڄ به برقرار رهندي شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهندو. ڏينهن وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 40 کان 60 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هوا ۾ گرميءَ جو تناسب وڌيڪ هئڻ سبب گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي ۽ سڄو ڏينهن اولهه ۽ ڏکڻ کان هوائون هلنديون رهنديون. ٻئي طرف موسميات کاتي اڄ به ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي اڄ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۽ سکر ۾ 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. مالا ڪنڊ، هزاره ڊويزن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪردو ۾ گرمي پد 25 کان 17 ڊگري سينٽي گريڊ، مظفر آباد ۾ 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪوئٽا ۾ 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ، پشاور ۾ 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ، لاهور ۾ 42 کان 44 ڊگري سينٽي گريڊ اسلام آباد ۾ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.