لکي ويجهو پاروٿيون شيون کائڻ سبب 200 ٻارن جي حالت خراب، اسپتال ڀيڙا

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان  مهر ) لکي ويجهو پاروٿيون شيون کائڻ سبب 200 کان وڌيڪ ٻار دست ۽ الٽين جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا، ٻارڙن کي فوري طور تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙن جون حياتيون بچائي ورتيون، ڳوٺ امروٽ ۾ 200 کان وڌيڪ ٻارڙا دست ۽ الٽين ۾وٺجي ويا، متاثر ٻارن کي فوري طور لکي غلام شاهه تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي بيڊ نه هئڻ ڪري ٻارن کي فرش تي ليٽايو ويو، بجلي بند ۽ جنريٽر خراب هئڻ سبب وڌيڪ تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو، بعد ۾ ڪجهه ٻارڙن کي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن فنڪشنل مسلم ليگ ايم پي اي شهريار مهر صوبائي وزير امتياز شيخ، ڊي سي شڪارپور رحيم بخش ميتلو به اسپتال پهچي ويا، متاثر ٿيل ٻارن ۾ محمد علي، ساحل، مريم، شاهد، محمد خان، خوشبو، سيف الله ۽ عبدالستار شامل آهن، جڏهن ته اڪثر ٻارن کي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ روانو ڪيو ويو، ڪجهه ٻارن جو علاج جاري هو، جن جي حالت به سڌرندڙ هئي، ڊاڪٽرن موجب پاروٿيون شيون کائڻ سبب ٻار دست ۽ الٽين جو شڪار ٿيا آهن، ڳوٺاڻن موجب ٻارن چڻا، چاٽ ۽ اهڙيون ٻيون شيون کاڌيون جنهن سان سندن حالت خراب ٿي وئي، هوڏانهن  ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻارن کي صحتمند ٿيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.