رپورٽ: ڏهرڪي: مسلم ڪالوني واسين پاران ڌيءَ تي ساهرن جي ظلم خلاف احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: ڏهرڪي: مسلم ڪالوني واسين پاران ڌيءَ تي ساهرن جي ظلم خلاف احتجاج” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190607Dharki Pkg-04.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

ڏهرڪي ۾ ساهرن پاران ناٺي جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مسلم ڪالوني جي رهواسي عبدالرشيد شيخ ۽ سندس ڌيءَ صحافين آڏو نياڻي جي ظلم خلاف دانهيو.

سندن چوڻ هو ته هنن ڪجهه سال پهريان پنهنجي ڌيءَ ماروي جي شادي صابر پٺاڻ سان ڪرائي هئي، جيڪو هنن جي نياڻي کي روزانو  تشدد ڪري ٿو

سندن چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن پهريان سندس ڌيءَ مڙس جي روزانو جي تشدد کان تنگ ٿي گهر ڇڏي آهي، جنهن کي ساهرا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن الزام هڻندي چيو ته صابر پٺاڻ هٿياربندن جي مدد سان  سندن گهر تي حملو ڪري ڀڄ ڊاهه بعد ڌيءَ کي زور زبردستي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي هو فرار ٿي ويو.

متاثر ڪٽنب اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي صابر پٺاڻ خلاف ڪا رروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.