وزيراعظم جي ڪوششن سان اسڪردو سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدمن جا ثمر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ اسڪردو سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي دلچسپي ۽ ڪوششن سان پاڪستان ۾ سياحت جو شعبو وڌي ويجهي رهيو آهي.  پرڏيهي سياحن جي وڏي انگ اسڪردو جو رخ ڪيو آهي ۽ دنيا جي بلند ترين ائيرپورٽ تي سياحن جي رش وڌي وئي آهي.  وزيراعظم جي هدايتن تي اسڪردو ۽ چترال ايئرپورٽ جي واڌ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان ٻنهي هوائي اڏن جي واڌ لاءِ ٽينڊر به جاري ڪيو ويو آهي. اسڪردو هوائي اڏي جي واڌ جي منصوبي کانپوءِ اڏامن ۾ واضح اضافي جي اميد ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.