رپورٽ: ڪراچي: جساف آريسر گروپ پاران کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪراچي: جساف آريسر گروپ پاران کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي
عوامي آواز رپورٽرپورٽ: ڪراچي: جساف آريسر گروپ پاران کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

 

 

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء جساف جسقم آريسر پاران جي ٿري اسٽاف کان مين سچل گيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي

ان موقعي ريلي ۾ شريڪ  ماڻهن پاران کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء نعرا هنيا ويا.

ريلي کي خطاب ڪندي جساف اڳواڻ روپلو چوهاڻ. امير باغي. جست اڳوڻ آفتاب شاھ. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ افروز ڪٽپر ۽ ٻين چيو ته معصوم شاگرد عاقب چانڊيي سميت ڪيترائي قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته سگهارا ادارا حق گهرن تي ماڻهن کي جبري طور گم ڪري ڇڏين ٿا. جنهن ڪري عيد جي خوشين جي موقعي تي گم ڪيل ماڻهن جي گهرن ۾ ماتم آهي.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيلن کي فوري آزاد ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي…………………

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.