ن ليگ ڪارڪنن نواز شريف سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران عيد نماز ادا ڪئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ميان نواز شريف سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران عيد نماز ادا ڪئي.

مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن عيدالفطر تي نواز شريف سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران عيد نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ  پوليس جي وڏي نفري موجود هئي.

واضح رهي ته ن ليگ جي تاحيات قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ ست ورهين قيد ڪاٽي رهيو آهي ۽ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.