رپورٽ: ٽنڊوحيدر: گندي پاڻي جي کڏ ڀرجڻ سبب رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور

عوامي آواز رپورٽ
AAAAAAAAAAAAA
عوامي آواز رپورٽAAAAAAAAAAAAA

 

*ٽنڊو حيدر يونيئن ڪائونسل جي روڊ کان گندي پاڻي جي کڏ ڀرجڻ سبب گندو پاڻي رستن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ لاء پريشان حال بڻيل آھن

ڪيتري وقت کان کڏ جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندي پاڻي پنهنجو رستو مٽائي علائقي ۾ رخ اختيار ڪري ڇڏيو

رهواسين محمد اسلم ۔ شاهد خانذاده ۔ شير علي ميمڻ ۔ گلشير ڪيريو صحافين سان ويچار ونڊنيدي ٻڌايو ته ٽنڊي حيدر جو سومورو گندي پاڻي جو نيڪال هن کڏ ۾ آھي جڏنهن ته کڏ جي صفائي نه هئڻ ڪري گندو پاڻي کڏ ۾ نيڪال ٿيڻ بجائي اسان جي علائقي ۾ ڀرجي ٿو ۽ اسين گهرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون

هنن چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ به اسان عبادت کان محروم آھيون سست انتظاميا اسان رهواسين کي وڏي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي .

هنن اعلي عملدارن کان گهر ڪئي ته گندي پاڻي جي کڏ مان پاڻي نيڪال ڪري کين   عذاب کان ڇوٽ ڪارو ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.