ميچ کان اڳ رانديگرن هڪ ٻئي سان… حفيظ وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ناٽنگهم ( ويب ڊيسڪ ) عالمي ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف پاڪستان جي ڪاميابي جي مک ڪردار ۽ ميچ جي ڀلوڙ رانديگرن جو اعزاز ماڻيندڙ پروفيسر محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته پهرين ميچ ۾ شڪست کان پوءِ رانديگرن ويهي هڪ ٻئي سان ڳالهايو ۽ هڪ ٻئي کي حوصلو ڏيڻ لاءِ ماضي جي بهترين اننگز کي ياد ڪيو  ويو جنهن سان ٽيم کي اعتماد مليو.

انگلينڊ خلاف ۾ ميچ ۾ 62 بالن تي 84 رنسن جي اننگز کيڏندڙ محمد حفيظ چيو ته جڏهن رانديگر ميدان لٿا ته منجهن هڪ جذبو هو ته ڪجهه ڪري ڏيکارڻو آهي.

محمد حفيظ جو چوڻ هو ته ڪاميابي کي ڏاڍو” مس “ ڪري رهيا هئاسين ۽ هاڻ ڪاميابي ملي آهي جنهن تي ٽيم جو هر فرد خوش آهي ۽ بهتر محسوس ڪري رهيو آهي.

پاڪستاني ٽيم جي سينيئر آل رائونڊر چيو ته جيتوڻيڪ کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو پر ڪاميابي ۾ سڀني رانديگرن هڪ جيترو ڪردار ادا ڪيو، بهتري جي گنجائش سدائين رهندي آهي، يقيني طور تي فيلڊنگ ۾ ڪوتاهيون ٿيون جنهن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، بالنگ يونٽ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو.

هڪ سوال تي محمد حفيظ چيو ته ٽارگيٽ هو ته 340 تائين اسڪور ٺاهيون ڇو جو ٽيم کي ان تي اعتماد هو ته ايتري اسڪور جو دفاع ڪري سگهون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته هار تي سڀني کي تڪليف ٿيندي آهي، تنقيد تي ڪن ناهيان ڏيندو، ڪوشش هوندي آهي ته جڏهن ته ميدان تي اچان پاڪستان لاءِ وڌ کان وڌ اسڪور ڪيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.