اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل وزير سان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ عمران خان زرتاج گل وزير سان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب زرتاج وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ لاءِ هٿ مٿي ڪيو ته وزيراعظم کيس ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو ته زرتاج گل اوهان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ هدايت پڻ ڪئي ته وزير اختيارن جو ناجائز استعمال نه ڪن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا اضافي حج ڪوٽا مان 40 سيڪڙو نجي ٽور آپريٽرز کي ڏيڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته عيد جي موڪلن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. واضح رهي ته موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل وزير پنهنجي ڀيڻ جي مقرري لاءِ نيڪٽا کي خط لکيو هو ۽ اهو معاملو ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس ورتو هو.وزيراعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس وٺڻ کان پوءِ زرتاج گل وزير پنهنجي ڀيڻ شبنم گل جي مقرري لاءِ نيڪٽا کي لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو هو.
زرتاج گل جي نااهلي لاءِ ن ليگ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
اسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. مسلم ليگ ن ايم پي اي حنا پرويز بٽ مملڪتي وزير زرتاج گل جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي وزير عهدي جو غلط استعمال ڪري کنيل قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي، زرتاج گل پنهنجي ڀيڻ کي نيڪٽا ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ اثر استعمال ڪيو ۽ ڪوڙ ڳالهايو ته سندس ڀيڻ ميرٽ تي پورو لهي ٿي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حنا پرويز بٽ چيو ته زرتاج گل خلاف درخواست ڪنهن هڪ شخص خلاف ناهي پر هڪ دوکو ڪندڙ ٽولي خلاف آهي، هي پنهنجي حرڪتن سان پاڻ وائکا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته زرتاج گل پنهنجي عهدي جو غلط استعمال ڪيو، کنيل قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايم اين اي ۽ وزير ٿيڻ جي قابل ناهي، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي، عمران خان ميرٽ جا نعرا هڻندو رهيو آهي هڪ پروفيسر نيڪٽا جي ڊائريڪٽر ڪيئن بڻجي سگهي ٿي.