پاڪستان انگلينڊ کي 14 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ناٽنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي کي جو مظاهرو ڪندي ميزبان انگلينڊ کي 14 رنسن تان هارائي ڇڏيو. ڪالهه ٽرينٽ برج اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلش ڪپتان اين مورگن ٽاس کٽي پهرين پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن 8 وڪيٽن جي نقصان تي 348 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ محمد حفيظ سڀ کان وڌيڪ 84، بابر اعظم 63، ڪپتان سرفراز 55، اوپنر امام الحق 44، خر زمان 36، آصف علي 14، شعيب ملڪ 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. حسن علي ۽ شاداب خان 10-10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ووڪس ۽ معين علي 3-3 ۽ ووڊ 2 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهي سگهي. روٽ ۽ بٽلر جون سينچريون به ٻڏي ويون، روٽ 107، بٽلر 103، بريسٽو 32، اسٽوڪس 13، معين علي 19، ووڪس 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. رشيد 3 ۽ وهاب رياض 3، شاداب ۽ محمد عامر 2-2، حفيظ ۽ شعيب ملڪ هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو. ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي اها ٻي ميچ هئي. پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز هٿان شڪست ملي هئي. هوڏانهن وزيراعظم ۽ آءِ ايس پي آر جي  سربراهه قومي ٽيم کي فتح تي مبارڪباد ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.