رتيديري ۽ ڀرپاسي ايڇ آءِ وي وائرس بي قابو، وڌيڪ 6 ڪيس ظاهر، علاج نه ملڻ سبب ٻارڙي فوت

لاڙڪاڻو/رتوديرو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو+طفيل ساريو) رتوديرو ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، اسڪريننگ دوران ايڇ آءِ وي جا وڌيڪ 6 پازيٽو ڪيس سامهون اچي ويا، مريضن جو تعداد 748 ٿي ويو، ٻارڙن جو انگ وڌي 608 تائين پهچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه تعلقه اسپتال ۾ قائم ڪيل ايڇ آءِ وي جي اسڪريننگ ڪئمپ ۾ 160 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي جن مان 6 وڌيڪ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون اچي ويا آهن. جنهن ۾ 4 ٻارڙا ۽ 2 وڏا شامل آهن. اهڙي ريت ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارڙن جو انگ 604 مان وڌي 608 تي پهچي ويو آهي. هوڏانهن رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ڦهلائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ڊاڪٽر مظفر گھانگھرو جو حتمي چالان پيش نه ٿي سگھيو جنهن ڪري رتوديرو پوليس ڊاڪٽر جي ٿرڊ جڊيشل ميجسٽريٽ لاڙڪاڻي جي عدالت مان وڌيڪ 9 ڏينھن جي مھلت وٺي ڇڏي آهي. رتوديرو پوليس جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي گرفتار ڊاڪٽر جو 322 قلم تحت پڪو چالان ٺاھي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر وٽ اوپينين لاءِ پيش ڪيو جيڪو اوپينين نه اچڻ سبب پڪو چالان پيش نه ٿي سگھيو. ٻئي پاسي ڊاڪٽر مظفر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي جي آءِ ٽي رپورٽ پڻ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رتيديري جي نادر شاھ محلي ۾ 13 مهينن جي نينگري فرزانا ڌيء غلام علي ڀٽو ايڇ آءِ وي ايڊز وگهي فوت ٿي وئي آھي ، فوتي نينگري جي والد غلام علي ڀٽو صحافين کي ٻڌايو ته مقامي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب منهنجي ٽن ٻارن کي ايڇ آءِ وي ايڊز ظاهر ٿي جن کي لاڙڪاڻي ايڊز سينٽر تي علاج ۽ ٽيسٽن لاءِ دربدر ڪرڻ جي ڪو به تدارڪ نه ڪيو ويو مختلف ٽيسٽن جي مد ۾ مسلسل ھڪ مھيني کان رلايو پيو وڃي ۽ ايڇ آءِ وي جي دوائن بدران صرف بخار جو سيرپ ڏئي موٽايو پيو وڃي.043041

ڊبليو ايڇ او ٽيم رتيديري پهچي ڄاڻ ورتي

لاڙڪاڻو: رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي جا ڌڙا ڌڙ ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد آئوٽ بريڪ انويسٽيگيشن لاءِ لاڙڪاڻي پھتل ڊبليو ايڇ او جي ٽيم جي ھڪ گروپ ڊاڪٽر والٽر زنگ ۽ ڊاڪٽر ييٽميگٽا جي اڳواڻيءَ ۾ رتوديرو پھچي سڀني کان پھريان ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاھر ڪندڙ ڊاڪٽر عمران عارباڻي سان ملاقات ڪري کانئنس تفصيل ورتا جنھن ٽيم کي ٻڌايو ته سڀ کان پھريان ڪجھه ٻارڙن ۾ ھن کي شڪ پيو جن جون ايڇ آءِ وي ٽيسٽون ڪرايون ويون ته اھي پازيٽو نڪتا. شروع ۾ 20 ايڇ آءِ وي ٻار ظاھر ٿيا جن جي ٽيسٽ آغا خان ۽ پي پي ايڇ آءِ مان ڪرائي وئي. بعد ۾ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام ۽ صحت کاتو رتوديرو پھتو. ڊاڪٽر عمران ٽيم کي ٻڌايو ته متاثر ٿيل ڪجهه ٻارڙن جا والدين پازيٽو آھن، وڏي انگ ۾ ٻار ڊاڪٽرن جي غلط پريڪٽس سبب پازيٽو ٿيا آھن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 8 ٻار اھڙا آھن جيڪي پھريان خانگي ليبارٽريز تان پازيٽو آيا ۽ بعد ۾ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام وارن نيگيٽو قرار ڏنو، جڏھن ته انھن جي ٻيھر آغا خان مان ٽيسٽون ڪرايون ويون ته اھي پازيٽو آيا خبر ناھي ته اِھو ڪھڙو معاملو آھي.043041

پي ٽي آءِ جو عيد کانپوءِ ايڊز خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ ۾ عيدالفطر کانپوءِ ايڇ آءِ وي ايڊز خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي پ پ چيئرمين کي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر اسلام آباد ۾ ڪرپشن بچايو، ابويا چاچا بچايو تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪري پئي، ڪرپشن مان جان آجي ڪرائڻ واري تحريڪ بينظيرڀٽو جي پٽ کي نه ٿي ٺهي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ضرور حساب وٺندي، ٻئي طرف سنڌ ۾ تحريڪ انصاف طرفان ايڊز خلاف عيد بعد روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو ويندو، ان ۾ پ پ قيادت کي به شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا، هن چيو ته پ پ سنڌ ۾ ايڊز، ڪرپشن ۽ تباهي کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي، وفاق ايڊز لاءِ دوائون فراهم ڪري پيو پر پ پ کان رتيديري ۾ سينٽر قائم نه ٿو ٿي سگهي، هن چيو ته چيف سيڪريٽري کي خط لکي پڇا ڪندس ته پلي بارگننگ ڪري ڪيترا آفيسر سنڌ سرڪار وٽ عهدن تي ويٺل آهن.

ايڇ آءِ وي جي نالي تي سنڌ کي بدنام نه ڪيو وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايڇ آءِ وي جي نالي تي صوبي کي بدنام ڪرڻ بند ڪيو وڃي، ايڇ آءِ وي ايڊز نه آهي اها  بيماري قابل علاج آهي، ان بابت پ پ ملڪي سطح تي آگاهي مهم شروع ڪندي اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي ڪيو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ سرڪار ايڇ آءِ وي متاثرن جي مستقل علاج لاءِ  انڊومينٽ فنڊ قائم ڪندي، ايڇ آءِ وي تي سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي سوچڻو پوندو تڏهن ڪو حل نڪري سگهندو . هن چيو ته وفاقي سرڪار پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ جون رٿائون شامل نه ڪري صوبي سان ناانصافي ڪئي آهي، وفاق ڪراچي لاءِ به ڪا وڏي رٿا نه رکي آهي، وڏي وزير سوال ڪيو هو ته ڪراچي پئڪيج لاءِ وزيراعظم طرفان اعلانيل 162 ارب روپين جو ڇا ٿيو، حيدرآباد يونيورسٽي به سکڻو اعلان ثابت ٿيو آهي، مٺي ۾ اسٽيٽ آف آرٽ اسپتال جو وعدو به پورو نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته نئين گاج ڊيم جو سمورو خرچ وفاق کي ڏيڻو هو پر ان تان ڦري ويا آهن چون ٿا ته ان جو اڌ خرچ به سنڌ حڪومت ادا ڪري، وفاقي سرڪار سنڌ کان واپس ورتل ٽنهي اسپتالن لاءِ هڪ رپيو به نه رکيو آهي، اها سنڌ دشمني آهي، اسپتالن ۽ انساني حقن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي،اسان اين آءِ سي وي ڊي کي مثالي ادارو بڻائي ڏيکاريو ، خدارا سنڌ حڪومت جا ٺاهيل ادارا نه ڦريا وڃن. هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ 10 مهينن ۾ 132 ارب رپيا به نه ڏنا آهن.

رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارن جي علاج لاءِ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو

لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي ٻارڙن جي علاج وارو سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينھن به سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي پراونشل مئنيجر سڪندر ميمڻ ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف جي ٽيم سان گڏ ٻيھر تعلقي اسپتال رتيديري جو دورو ڪيو جتي شروعاتي طور تي 4 ڪمرا خالي ڪرايا ويا ۽ سامان رکڻ جو ڪم شروع ڪرڻ سان گڏ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻي ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل سينٽر ۾ ڊاڪٽر ۽ عملي جي مقرري جلد کان جلد يقيني بڻائيندي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي پراونشل مئنيجر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ ٻڌايو ته رتيديري ۾ ٻارڙن جو تعداد وڌڻ سبب صحت واري وزير جي هدايتن تي رتيديري ۾ سينٽر کوليو پيو وڃي،  رتيديري ۾ ٻارن جو انگ 600 کان وڌيڪ آھي، جڏھن ته باقي سڄي سنڌ مان 350 ٻار رجسٽرڊ ٿيل آھن، پوري صوبي ۾ رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ٻارن جو انگ ٻيڻو آھي.043041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.