شعيب اختر ۽ معين خان وچڙي پيا

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان ۽ اسپيڊ اسٽار شعيب اختر وچ ۾ لفظي جنگ شدت اختيار ڪري وئي. خانگي ٽي وي چئنل تي تجزيو ڪندي شعيب اختر قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي حوالي سان چيو هو ته سندس وزن وڌي ويو آهي ۽ کيس وڪيٽ ڪيپنگ ۾ مسئلا پيش اچي رهيا آهن. شعيب اختر جي ان بيان تي معين خان ميدان ۾ آيو، جنهن سرفراز احمد جو بچاءُ ڪندي فاسٽ بالر جي ڪيريئر دوران سندس فٽنيس تي سوال اٿاري ڇڏيا. معين خان چيو ته شعيب اختر انضمام الحق جي ڪپتاني ۾ به کيڏيو پر هن ڪڏهن ان جي فٽنيس تي سوال نه اٿاريا، شعيب اختر پاڻ پنهنجي فٽنيس جي حوالي سان سنجيده نه هو، جيڪڏهن هو سنجيده هجي ها ته پاڪستان لاءِ 4 سئو کان 500 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ها. ان کانپوءِ شعيب اختر به معين خان تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته توهان وڏن رانديگرن سان گڏ کيڏيا پر اسان جي بدقسمتي جي هئي جو اسان معين خان جي ڪپتاني ۾ کيڏياسين، معين خان صاحب! 450 انٽرنيشنل وڪيٽون ته مان ورتيون آهن پر جيڪڏهن توهان پاڪستان سان سنجيده هجو ها ته جنهن وقت راشد لطيف آيو هو، جيڪو هڪ بهترين بيٽسمين، وڪيٽ ڪيپر ۽ انسان هو ته توهان کي گلوز ڇڏڻ گهرجن ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.