ايٿوپيا به جاڳي پيو!

يوسف سيف

آفريڪا کنڊ پٺتي پيل علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو، انهي کنڊ جي ملڪ ايٿوپيا کي دنيا ۾ ڏکن ڏاکڙن، ڏڪار ۽ بدامني جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ڪاري رنگ ۽ حبشي نسل جي ماڻهن کي هڪ زماني تائين اڇي چمڙيءَ وارا گهٽ ڪري سمجهندا رهيا آهن،  سموري دنيا ۾ پکڙيل شيدين کي شروع ۾  يورپ وارا جانورن وانگر ڌڻن جا ڌڻ پڪڙي رسن سان ٻڌي ۽ دنيا ۾ انساني غلامن واري منڊي ۾ نيلام به ڪندا رهيا آهن، اهو دور سمنڊ ۾ ٻيڙين ذريعي سفر جو هو. جانورن وانگر ماڻهن جون منڊيون به گهڻو ڪري سمنڊ ڪناري آباد شهرن ۾ لڳنديون هيون، ان ڪري ئي شيدي ۽ سامونڊي بندر لازم ملزم ٿي ويا آهن.

دنيا ۾ تبديلين لاءِ رستو هموار ڪرڻ ۾ ٻين سببن سان گڏ معلومات جي رسائي به اهم  رهي آهي، انٽرنيٽ ۽ عالمي طور تي سڌ سماءَ جي ذريعن جيڪو ماحول جوڙيو آهي ان سکڻ واري لاءِ گهڻو ئي مواد فراهم ڪيو آهي.

تازو ئي آفريڪا جي ملڪ ايٿوپيا جي لاءِ پهرين خاتون صدر سهالي ورڪ زيوڊي چونڊي وئي آهي، هو آفريڪا جي سفارتڪار آهي ۽ گڏيل قومن جي اهم عهدن تي رهي چڪي آهي، جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ سان هاڻي هو رٽارئر منٽ واري دور ۾ پهچي وئي آهي.پر علامتي طور تي هن جو ملڪ جو صدر چونڊجڻ هڪ وڏو سياسي موڙ آهي. اهڙي قسم جي روايت، رواج پوڻ ساڻ مستقبل ۾وڏن عهدن تي خواتين جي لاءِ رستو کلي پوندو.  ملڪي آئيني  ڍانچي ۾ جيتوڻيڪ صدر وٽ ڪي ٿورڙائي اختيار هوندا آهن پر هو ملڪ جو علامتي سربراهه ضرور آهي.

ايٿوپيا جو هاڻوڪو چونڊيل وزيراعظم ابي احمد پنهنجي روئي ۽ مزاج ۾ چڱو شخص لڳي پيو، جنهن اپريل  مهيني ۾ 20  ميمبرن تي مشتمل  ڪابينا جوڙي آهي، جنهن ۾ ڏهه خواتين آهن، ڏڪار، غربت، گهرو ويڙهه  ۽ قبيلائي سرشتي جي لحاظ سان سڃاڻپ  رکندڙ هي ملڪ   هاڻي عورتن کي سماج  ۾ برابري ڏيڻ طرف اڳتي وڌي رهيو آهي.

ايٿوپيا شايد خواتين کي ڪابينا ۾ اڌو اڌ نمائندگي ڏيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ هجي، اهڙو فيصلو دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته آفريڪا جي غريب ملڪ ۾ رنگ،نسل، جنس ۽ مذهب جو ڪو امتياز نه آهي.

سهالي ورڪ، اديس ابابا ۾ جنم ورتو ۽  تعليم فرانس ۾ حاصل ڪئي آهي، هو عالمي سطح جي مڃيل سفير آهي،هو فرينچ، انگريزي ۽ اهرامي زبانن تي عبور رکي ٿي، صدارت جي منصب تي پهچڻ کانپوءِ ايٿوپيا جي نمائندن ۽ پريس سان  ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي سماج ۾ رهنمائي ڏيڻ لاءِ کنيل عملي قدم دنيا لاءِ مثال آهن،  هن ان عزم ظاهر  ڪيو آهي ته هو ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ وسان نه گهٽائيندي، ملڪ لاءِ امن ۽ خواتين لاءِ امن جو قيام،  سندس چوڻ آهي ته  ان امن جي قيام مان خواتين کي به وڏو لاڀ ملندو، ڇاڪاڻ جو بدامني  ۾ سڀني کان وڌيڪ تڪليف عورت کي محسوس ٿيندي آهي، ان ڪري جو عورت هڪ ماءُ  به آهي.

دنيا جي آزاد سوشل ميڊيا تي  سهالي ورڪ، جي ملڪي صدر طور چونڊجڻ جي وڏي آجيان ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته سهالي ورڪ، صرف ايٿوپيا جي پهرين صدر جو اعزاز رکي ٿي، هن کان اڳ امينا غرب فڪيم، ماريشس جي صدارتي عهدي  تي پهتي هئي،جنهن کي تازو مارچ ۾ مالي بدعنوانين جي الزام هيٺ استعيفيٰ  ڏيڻي پئي ، امينا غرب بهرحال اهڙن الزامن جي سختي سان ترديد ڪري ٿي. ان کان اڳ ايلن جانسن  سرليف 2008 کان 2018 تائين لائيبريا ملڪ جي صدر رهي  آهي، ايلن جانسن ئي شايد جديد آفريڪا جي پهرين خاتون صدر جو اعزاز  رکندڙ خاتون آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.