عوام کي ٻڏتر جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، عيد پنج جون تي ٿيندي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عوام کي ٻڏتر جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، عيد پنج جون تي ئي ٿيندي. هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي به ساڳيو ئي فيصلو ڪندي. هن چيو ته ماضي ۾ ڇتن تي وڃي ۽ هاڻي موبائيل ايپ ڊائون لوڊ ڪري ڪمري ۾ ويهي چنڊ ڏسي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.