لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڊيزل جي اگهن ۾ تازي اضافي سبب ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ريلوي وارو وزير شيخ رشيد احمد ڪجهه ڏينهن ۾ ٽرين جي ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪندو جنهن کان پوءِ ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ 2 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب اي سي سليپر جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو، اي سي بزنس ۾ 10 سيڪڙو ۽ اڪانومي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 2 کان 15 سيڪڙو واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي .
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين آپريشن تي روزانو ساڍا 4 لک ليٽر ڊيزل استعمال ٿيندو آهي ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 50 پئسا واڌ سان روزانو 20 لک 25 هزار رپين جو اضافي بار برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.